ٿومينگ ٿمينگ

ٿومينگ/ ٿمينگ: هي ديهه، تپي سونگل تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي. نئين سبزي منڊي، گلشن معمار ۾ جان محمد بروهي ڳوٺ هن ديهه ۾ آهن.”ٿُم“، ”ٿمينگ“ ان جاءِ کي چئبو آهي. جتي گھاٽا وڻ يا وڻن جو جھڳٽو هجي. ڳجهي يا لڪڻ جي جاءِ هجي. مرن جي لڪڻ جي جاءِ، چورن جي ٿاڪ، گھوڙن ٻڌڻ واري جاءِ کي ”ٿم“ چئبو آهي. ”ٿمينگ“ معنيٰ اها جاءِ جتي مال، ماڻهو يا چوري جي سامان کي ”ٿمي“ سگھجي. هن کي ٿومينگ به چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو